پٽ منجري

پٽ منجري (راڳڻي): ڪافي ٺاٺ جي سمپورن راڳڻي، جنهن جي آروهي ۾ ڌيوت ۽ گنڌار دربل آهن، جنهنڪري هن جي شڪل سارنگ سان ملندڙ آهي، پر سارنگ ۾ ڌيوت ۽ گنڌار جا سُر ورج آهن. اهو ئي ٻنهي راڳڻين ۾ فرق آهي. هڪ مت موجب هن راڳڻيءَ ۾ ٻئي گنڌارون لڳن ٿيون. ٻي مت موجب هن راڳڻيءَ جا سڀ سُر شڌ آهن. ان قسم جي پٽ منجري بلاول ٺاٺ ۾ آهي. هن راڳڻيءَ جي شڪل ديسيءَ سان به ملي ٿي، پر ديسي ۾ ڌيوت ڪومل آهي ۽ ڪي وري ٻئي ڌيوت هڻن ٿا. پر پٽ منجريءَ ۾ صرف تيور ڌيوت آهي، جيڪو ڪمزور ڪري لڳائبو آهي. هن راڳڻيءَ ۾ ٻئي نکادون استعمال ٿين ٿيون. گنڌار ڪومل ڪري هڻبو آهي: هن جي تان: گا- سا- مِا- پا – ني – سا- ري گا ري – ني – سا – سا – ري – ما ري – ما ما- پا – ما پا-نا پا- ما ري – گا ري- ني سا آهي، جڏهن ته آروهي: سا ري ما پاني سا ۽ امروهي: سا نا ڌ پا ما گا ري سا آهي. هن جو وادي سُر: کرج ۽ سموادي سُر: پنچم آهي. هن جي ڳائڻ جو وقت: ٽپهري آهي. راڳ ساگر ۾ ڪافي ٺاٺ جي زمري ۾ هن راڳڻيءَ جو ذڪر ڪيل نه آهي.


لفظ پٽ منجريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو